اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته اسان ??رجيحي بنيادن تي پاڪستان ۾ چيني واپار جي سپورٽ ڪنداسين ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ چين جي گهري دلچسپي جا ٿورائتا آهيون. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي چيني واپارين جي هڪ وفد سان ملاقات ڪندي ڪ??و جنهن جي قيادت چيني ڪ??پني چيلينج فيشن پر??ئي??يٽ لميٽيڊ جي نمائندي مادام چن يان ڪري رهي هئي. وزيراعظم چ??و ته پاڪستان ۽ چين نه رڳو ماضي يا حال ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن پر اهي اسان ??ي مستقبل جي نسلن جي ذريعي به متحد رهندا. هن چ??و ته اسان ٻنهي ملڪن جي عوام جي گهرن لاڳاپن کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ صنعتون لڳ??ئي??دڙ سمورن چيني سيڙپڪارن کي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هنگامي بنياد تي رستن جي رابطن ۽ يوٽيلٽيز جهڙن ايشوز کي حل ڪيو وڃي. ان کان ??ڳ وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته چيني واپاري گلاس، سرامڪس ۽ ان??ار??يشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڪم شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ناليواري موب??ئي?? فون ڪمپني اوپو دنيا جي ناليوارين ٽيڪ مينوفيڪچررز مان هڪ آهي، پاڪستان ۾ به هڪ مقامي موب??ئي?? مينوفيڪچرنگ يونٽ ۽ هڪ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪيو پيو وڃي. جنهن سان نه رڳو سمارٽ موب??ئي?? فونز جي سالياني درآمد تي پرڏيهي جي ذخيرن جي وڌيڪ بچت ٿيندي پر اسان ??ي ٽيڪ گريجوئيٽس جي لاءِ روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. ان موقعي تي توانائي وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سياسي معاملن وارو خاص معاون ۽ ترجمان ڊاڪٽر شهباز گل، سي پيڪ بابت خاص معاون ايم خالد منصور، چين جو سفير نونگ رونگ ۽ مس چن يان ??ميت ٻيا لاڳاپيل اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.
اسان ترجيحي بنيادن تي پاڪستان ۾ چيني واپار جي سپورٽ ڪنداسين: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina