چنيوٽ – 09 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آ??راڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آ??ي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪار?? صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئ??ڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??نيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪار?? صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آ??و آهي. هن ??يو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو ت??ري?? جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي. هن ??يو ته شريف خاندان جو اهو الميو رهيو آهي ته اهي ادارن تي پنهنجو ڌوئنس ويهاريندا رهيا، شريف خاندان کي عدليه ۾ به پنهنجا ئي ججز گهرجن، ميڊيا پرسنز جي حوالي سان مريم صفدر جي نئين آڊيو سان انهن جي آ??راڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آ??ي.
مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ