ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير جي حوالي سان سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳاله??ئي??دي چيو ته ??مو?? ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ??مو?? ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ن?? ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيست??ئي?? ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو وي??، 11 هزار کان وڌيڪ عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌيڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صورتحا?? جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.
ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خاتمو ڪري ڪشمير بابت سڄي خطي جي صورتحال کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي: تجزيه نگار پروفيسر علي سخن ور
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ