اسلام آباد -16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته قوم جي ٻارن جي صحت ج?? دشمنن جو خاتمو ڪري پوءِ ئي ساهه کڻنداسين. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪ??ل بيان مطابق وزيراعظم ٽانڪ ۾ پوليو ورڪرز جي ٽيم تي دهشتگردن جي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيد پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم ٽانڪ جي علائقي ڪ??ٽ اعظم ڪچي آبادي ۾ سپاهي پير رحمان ۽ سپاهي نثار خان جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??هيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف پوليس اهم قربانيون ڏنيون آهن. شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا. وزيراعظم چيو ته پوليو ورڪرز تي حملو ڪندڙ قوم جي ٻارن کي معذور بڻائڻ چاهين ٿا. قوم جي ٻارن جي صحت ج?? دشمنن جو خاتمو ڪنداسين. وزيراعظم ??هيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
قوم جي ٻارڙن جي صحت جي دشمنن جو خاتمو ڪري ساهه کڻنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا