گڏيل قومون- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) گرميءَ جي شديد لهرن سبب آفريقا جي س??مونڊي خطي، ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته شديد موسم غريب ملڪن کي تباهيءَ طرف ڌڪي سگهي ٿي. اها ڳالهه ريڊ ڪراس ۽ گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت آفيس (او سي ايڇ اي) طرفان گڏيل طور تي شايع ڪيل دستاويز ۾ ٻُڌائي وئي آهي. دستاويز مطابق وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ۾ انساني تباهيءَ کي جنم ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سان ??يدا ٿيندڙ شديد گرميءَ جون لهرون ايندڙ ڏهاڪن ۾ دنيا جي ڪجهه علائقن کي عملي طور تي ناقابل رهائش بڻائي سگهن ٿيون. سڄي دنيا ۾ شديد گرميءَ جون لهرون خطرناڪ شرح سان ??ڌي رهيون آهن، ان جي اثرن ۾ وڏي پيماني تي آفتون، قيمتي جانين جو نقصان، آباديءَ جي لڏپلاڻ ۽ عدم مساوات ۾ اضافو شامل آهي. ان حوالي سان ??ڌيڪ آباديءَ وارا شهر سڀ کان ??ڌيڪ خطرناڪ علائقن ۾ شامل آهن، گڏيل قومن 2050ع جي ڏهاڪي تا??ين شديد گرميءَ جي حالتن ۾ رهندڙ شهري غريب ماڻهن جي انگ ۾ 700 سيڪڙو اضافي جو ڪاٿو لڳايو آهي. دستاويز مطابق سخت گرميءَ سان ??ستقبل ۾ ٿيندڙ فوتگين جي شرح حيران ڪندڙ حد تا??ين وڌي سگهي ٿي جيڪا صديءَ جي آخر تا??ين ڪينسر يا ڪيترن ئي ٻين بيمارين سان ??يندڙ مجموعي فوتگين کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اٽڪل گرمي پد ۾ اضا??ي ۽ وري وري گرمي جي لهرن سان زراعت ۽ چوپائي مال جي نظام کي نقصان، قدرتي وسيلن جي تباهي، بنيادي ڍانچي کي نقصان ۽ لڏپلاڻ ۾ اضافي جو به انديشو آهي، ان سان گڏوگڏ شديد گرم موسم سبب سڄي دنيا ۾ 2030ع تا??ين معاشي نقصان 24 کرب ڊالرن کان ??ڌي سگهي ٿو. گڏيل قومن جي ان??ن اکرن مطابق شديد گرميءَ جون لهرون 2003ع ۾ يورپ ۾ 70 هزار کان ??ڌيڪ فوتگين ۽ 2010ع ۾ روس ۾ 55 هزار کان ??ڌيڪ فوتگين جو سبب بڻجي چڪيون آهن. دستاويز مطابق ان حوالي س??ن بدترين نتيجن کان بچڻ لاءِ جنگي بنيادن تي قدمن جي ضرورت آهي، جن جو مقصد ماحولياتي تبديلين جي رفتار سست ڪرڻ ۽ ان کي روڪڻ، شديد گرميءَ جي لهر بابت وقت سر ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۽ گرمي کي گهٽ ڪندڙ رهائشي منصوبن ۾ سيڙپڪاري س??فهرست هجڻ گهرجي.
گرميءَ جي شديد لهرن سبب ڪجهه علائقن جو عملي طور تي غير آباد هئڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي: گڏيل قومن جي ادارن جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر