اسلام آباد -04 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي ??دارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال، لاڳاپيل وفاقي وزارتن جي ??يڪريٽريز، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي مختصر ۽ ڊگهي مدي وارن منصوبن بابت ورڪنگ پلانگ جو جائزو ورتو ويو. ميمبر پلاننگ ڊويزن قدرتي آ??تن کانپوءِ بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي ??ڪمت عملي جي پاليسي تي بريفنگ ڏني. فورم بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ موسمياتي لچڪدار حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو، ڊپ??ي چيئرمين احسن اقبال 2022ع جي ٻوڏ دوران سمورن لاڳاپيل ادارن، صوبن، امدادي تنظيمن ۽ عالمي ڊونر ايجنسين جي ڪردار کي ساراهيو. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته ٻيهر تعمير جي منصوبن ۾ قدرتي آ??تن سميت موسمياتي تبديلي جي ??مڪاني اثرن کان بچڻ جي ??لاحيت کي نظر ۾ رکيو وڃي، صوبا بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي ورڪنگ پلان تي پنهنجي ??جويزن کان جلد کان جلد آگاهه ڪن، ڄاڻايل منصوبن ۾ صحت ۽ تعليم جي ??نفرااسٽرڪچر ڪميونٽي بيسڊ بڻايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي اربنائزيشن جي ??هم چئلينجز پڻ سامهون آهن، وڏن شهرن تي آبادي جو دٻاءُ گهٽ ڪرڻ لاءِ نوان شهر قائم ڪرڻ جي ??رورت آهي، اين ايف آر سي سي چيو ته قدرتي آ??تن کان بچاءُ جا اهڙا منصوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ متاثرن کي انهن گهرن جي ويجهو رکي سگهجي، ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن کي قدرتي آ??تن کان بچائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن.
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت