اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)پاڪس??ان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان ج??ري بيان مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪس??ان نئين دهليءَ ۾ رٿيل نام نهاد ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت طرفان ان خلاف س??ور?? حوالن ۽ الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو آهي. ڀارت هر دستياب فورم تي پاڪس??ان کي بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ناقابل قبول ۽ لاعلاج خواهش جي روشنيءَ ۾ پابندي مڙهيل ??هشتگرد تنظيم جي مالي معاونت ۾ پاڪس??ان تي مبينه طور ملوث هئڻ جا بار بار ڪُوڙا الزام لڳائي دنيا کي دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ پاڪس??ان جي ڪاميابين جي ب??ري ۾ گمراهه ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي کوکلي بيان بازي پاڪس??ان جي ڪامياب دهشتگرديءَ جي خاتمي وارن قدمن آڏو ناڪام ٿي وئي آهي جن جو دهشتگرديءَ جي خاتمي، مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگرديءَ جي مالي معاونت جي روڪٿام جي اعليٰ بين الاقوامي اد??ري فنانشل ايڪش ٽاسڪ فورس طرفان تسليم ۽ اعتراف ڪيو ويو آهي. اسان جا مضبوط ۽ قابل اعتماد اي ايم ايل/سي ايف ٽي قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي تسلي بخش عملدرآمد سان هن آڪٽوبر ۾ پاڪس??ان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت غير قانوني طور پنهنجي ڏاڍ هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي دهشتگرديءَ جي مهم مسلسل ج??ري رکيو پيو اچي. ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيل ??هشتگرديءَ جو ڪو جواز ناهي جتي ان جي سيڪيورٽي فورسز هر روز بيگناهه شهرين کي دهشت، اذيت ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردن کي پناهه ۽ تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. 2019ع ۾ هن سوامي اسيمانند کي بري ڪري ڇڏيو جيڪو 2007ع جي سمجهوته ايڪسپريس ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار هو جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 43 پاڪستاني شهري قتل ٿيا هئا. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارتي عدالتن گجرات ۾ 2002ع جي گوڌرا جهيڙن دوران بلقيس بانو جي اجتماعي لڄالٽ و??ري ڪيس جي 11 مجرمن کي آزاد ڪيو. اهڙيءَ طرح 26 نومبر جي ممبئي حملن جي ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ڀارت ڄاڻي واڻي پاڪستاني عدالتن کان گواهن ۽ شاهدين کي روڪي ڇڏيو. گذريل 14 سالن ۾ بار بار درخواستن باوجود صرف پنهنجي ناپاڪ سياسي ايجنڊا کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏني وئي. هن چيو ته پاڪس??ان اندر دهشتگردي کي ڀڙڪائڻ ۾ هندس??ان جو ملوث هئڻ وڏي پيماني تي ثابت ۽ دستاويزي آهي. نومبر 2020ع ۾ پاڪس??ان هڪ جامع ڊوزيئر ج??ري ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪس??ان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا هئا. سزا يافته، حاضر سروس، ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو تخريبڪ??ري ۽ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت جي سڌيءَ ريت ملوث هئڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. ٽي ٽي پي ۽ افغانس??ان اندر پاڪس??ان سان دشمني رکندڙ ٻين ڌُرين سان هندستاني رابطن جي ب??ري ۾ سڀ واقف آهي. هن چيو ته پاڪس??ان عالمي برادريءَ تي زور ڀري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ان جي قدمن، دهشتگرد ادارن جي سرپرستي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرديءَ کي هوا ڏيڻ لاءِ هندس??ان کي جوابدار قرار ڏي. هندس??ان کي گهرجي ته هو دهشتگرديءَ جي ب??ري ۾ پنهنجي سُڃاڻپ کي فوري طور درست ڪري ۽ خودغرضاڻي سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ بي شرميءَ سان ٻيهر ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري.
پاڪستان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم