اسلام آباد– 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناليواري اداڪار اسماعيل تارا جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف مرحوم اسماعيل تارا جي گهروار?? سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته مرحوم اسماعيل تارا مزاحيه اداڪاري ۾ منفرد مقام رکندو هو. هن پاڪس??ان ۾ مزاح کي آرٽ جي هڪ صنف طور مقبول ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪس??ان ٽيليويزن ۽ فلم جي ناظرين جي ذهنن تي هن جي اداڪاري جا اڻمٽ نقش آهن. خاص طور تي پاڪس??ان ٽيليويزن جي پروگرام ففٽي ففٽي ۾ سندس اداڪاري يادگار رهندي ۽ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو و??ندو.
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم