اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس ??ي گاڏي تي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي فوري جانچ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن واقعي ۾ پوليس ??هلڪار سميت هڪ ٻار جي شهادت تي دلي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليو اهلڪار مل?? مان ان موذي مرض جي خاتمي لاءِ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اهي فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن، جنهن تي آئون انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته شرپسند عنصر مل?? مان پوليو جي خاتمي جي ان مهم کي روڪڻ ۾ سدائين ناڪام رهندا ۽ پاڪستاني قوم قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليو اهلڪار شرپسند عنصرن جي اهڙي ڪڌي ڪوشش کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. وزيراعظم چيو ته مل?? مان پوليو جو مڪمل خاتمو حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت مل?? مان پوليو جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندي، مون س??يت سموري قوم جون همد??دي??ن شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران ڪوئيٽا ويجهو بليلي جي علائقي ۾ پوليو ٽيم جي حفاظت تي مقرر پوليس جي گاڏي تي ڌماڪي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ