اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عار?? علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آ??ڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائو?? سنڊروم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائو?? سنڊروم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرورت تي پڻ ڳالهه ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو ته جيئن انهن جي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڊائو?? سنڊروم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائو?? سنڊروم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائو?? سنڊروم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائو?? سنڊرم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ۾ آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.
خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : راکی