اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڏا ۽ ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي علائقي ۾ دهشتگردن سان مق??بلي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي برگيڊيئر مصطفيٰ ڪمال برڪي، حوالدار محمد اظهر اقبال، نائيڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ کي خراج عقيدت پيش ڪي?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي جي دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تع??يت جو اظهار ڪي??. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو بهادري سان مق??بلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا