اسلام آباد – 27 ̵1; اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايرا?? جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيد محمد علي حسيني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪس??ان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀائر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمان?? جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي مسلمان?? جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ سعودي عرب پاران سفارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ کنيل تاريخي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ايراني سفير سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽ?? جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن سان ٻطرفي واپار کي فروغ ملندو. هن صدر کي بجلي جي په?? جي جاري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن سان بلوچستا?? جي عوام کي فائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي تعاون کي ساراهيو. پاڪس??ان ۾ رومانيا جي سفير نڪولائي گويا پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پاڪس??ان رومانيا سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ پاڪستا?? جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي باقاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغانس??ان مان رومانيا جي شهري?? جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي ر??مانيا جي صدر پاران پاڪس??ان جا ٿورا مڃيا.
صدر پاران ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث