اسلام آباد -10 جون (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري و??اقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو ڦرندو ته ترقي ٿيندي، اتحادي حڪومت پهريون ڀيرو سالياني ترقياتي پروگرام کي 1150 ارب رپين تائين وڌايو آهي. ان ۾ 491 ارب رپيا بنيادي ڍانچي لاءِ رکيا ويا آهن. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي ??طا?? ڪندي هن چيو ته سماجي بهبود، تعليم، ايس ڊي جيز، پاڻي، فزيڪل پلاننگ سميت اهم شعبن لاءِ فنڊ رکيا ويا آهن. اڳوڻي فاٽا ۽ پاٽا جي منصوبن لاءِ 61 ارب رپيا رکيا ويا اهن. زرعي طور پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ 45 ارب رپين جا منصوبا شامل آهن. اهڙي ريت آءِ ٽي ۽ سائنس لاءِ به رقم رکي وئي آ??ي. صوبن جي ترقياتي بجيٽ 1509 ارب رپين جي و??جهو هوندي. مون ک?? يقين آهي ته جيڪڏهن پي ايس ڊي پي تي عمل ٿيو ته صوبا به ان تي حقيقي بنيادن تي عمل ڪندا ته 3.5 سيڪڙو اوسر واري شرح جو هدف حاصل ڪري و??نداسين.
ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو هلندو ته ترقي ٿيندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا