اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سي پيڪ گذ??يل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي ش??بن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي ش??ندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي ڏهاڪي جي پڄاڻي جي موقعي تي پاڪستان سان حمايت ۽ يڪجهتي جي پنهنجي اهم پيغام تي چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهيان. سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن جو هڪ مثالي منصوبو بڻائڻ تي ان جو زور پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته حقيقت ۾ سي پيڪ گذ??يل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ش??بن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن. بي آر آئي جي ف??يگ شپ پروجيڪٽ طور سي پيڪ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ تبديلي جي ڪهاڻي ۾ تبديل ٿيو. پاڪستان ان ڪهاڻي کي دنيا ۾ پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ اسان ڪڏهن به صدر شي جن پنگ جو مڪمل ٿورو ادا نه ڪري سگهنداسين. آئون سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي ش??ندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيان.
سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil