اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ، پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي محفوظ ڪيل پنهنجو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪ??رٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪ??رٽ پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي سنگل بينچ جو 12 جون 2024ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ۽ لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ محفوظ ڪيل فيصلو سومر ڏينهن عدالت ۾ پڙهي ٻُڌايو ۽ چيو ته اهو 5 رڪني بينچ جو گڏيل فيصلو آهي، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي جو اضافي نوٽ به شامل آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني بينچ ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس عقيل احمد عباسي شامل هئا. سپريم ڪ??رٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ گڏيل فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته جسٽس جمال خان مندوخيل ۽ جسٽس عقيل عباسي فيصلي سان اتفاق ڪندي اضافي نوٽ پڻ لکيو. سپريم ڪ??رٽ 12 جون وارو ججز ٽربيونل مقرري جو رجسٽرار هاءِ ڪ??رٽ جو نوٽيفڪيشن به ڪالعدم قرار ڏنو. سپريم ڪ??رٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ??يس جو فيصلو ٻُڌائيندي لاهور هاءِ ڪ??رٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٽڪراءُ جڏهن آئيني ادارن وچ ۾ هجن ته محتاط رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، لاهور ڪ??رٽ جو فيصلو عدال??ي حوالي سان ڪنهن فورم تي پيش نٿو ڪري سگهجي. جسٽس جمال خان مندوخيل پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو ته ايڪٽ جو سيڪشن 140 اليڪشن ڪميشن کي ججز پينل طلب ڪرڻ جو اختيار نٿو ڏئي، پارليامينٽ جي ان قانون ۾ سوچ واضح آهي جڏهن ته پارليامينٽ اليڪشن ڪميشن کي ججز جو پينل گُهرڻ ۽ انهن مان چونڊ ڪرڻ جو اختيار ناهي ڏنو. اضافي نوٽ ۾ لکيو ته اليڪشن ڪميشن کي هر جج تي اعتماد ڪرڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن هڪ ٽربيونل لاءِ هڪ ئي جج جي نالي جو مطالبو ڪري سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو ۽ ججز آئيني عهديدار آهن، هر معاملي ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ججن کي هڪٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي. جسٽس جمال خان مندوخيل اضافي نوٽ ۾ لِکيو ته هاءِ ڪ??رٽ جي چيف جسٽس ۽ ڪميشن جي مشاورت جو نتيجو اسان آڏو اتفاق جي صورت ۾ آيو. اميد آهي ته هاڻي اليڪشن ڪميشن ٽربيونل جي جوڙجڪ لاءِ قدم کڻندي ۽ اميد آهي ته اليڪشن ٽربيونلز قانون جي ڏنل مهلت ۾ فيصلا ڪندا. سپريم ڪ??رٽ ڄاڻايل ??يس جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو11 صفحن تي مشتمل آهي. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل مطابق لاهور هاءِ ڪ??رٽ اليڪشن ايڪٽ جي شقن جي غلط تشريح ڪئي، اليڪشن ڪميشن موجب لاهور هاءِ ڪ??رٽ آئين ۾ ترميم کان اڳ عدالتي فيصلن تي ڀاڙيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن موجب چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪ??رٽ سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ اليڪشن ڪميشن وچ ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ۽ چيف جسٽس وچ ۾ معاملو حل ٿي ويو، ??يس جي فيصلي جي ضرورت ناهي.
سپريم ڪورٽ پاران پنجاب اليڪشن ٽربيونلز جي معاملي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر