اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي ل??ءِ عالمي سطح تي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت آهي، ايس سي او پليٽ فارم تان پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ?? توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا حاصل ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي چين ۽ روس جهڙن ملڪن سان تعاون جا رستا کلي سگهن ٿا. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان جي عالمي سطح تي مقبوليت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿي??دو ۽ اهو ٻين ميمبر ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. ايس سي او جي پليٽ فارم علائقائي امن ۽ استحڪام کانسو??ءِ دهشتگردي، منشيات جي اسمگلنگ ۽ ٻين علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي??دي جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. عالمي سطح تي مثبت تاثر پاڪستان پاران هڪ ڪامياب ميزباني عالمي سطح تي ان جو مثبت تاثر قائم ڪري سگهي ٿي جنهن سان عالمي تنظيمن ۽ ملڪن جي وچ ۾ ان جي حصيداري کي فروغ ملي سگهي ٿو. اجلاس جي ميزباني سان پاڪستان کي سفارتي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ جو بهترين موقعو ملي ٿو. اهڙا موقعا ملڪن جي ل??ءِ ڪڏهن ڪڏهن ايندا آهن. هي پاڪستان جي ترقي کي اجاگر ڪرڻ جي ل??ءِ نادر موقعو آهي. سڄي دنيا جو ڌيان پاڪستان تي آهي ۽ ان موقعي سان وڏا وڏا ملڪ پاڪستان کي فخر جي نگاهه سان ڏسندا. هن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ چين، روس، ڀارت، پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستون شامل آهن جيڪي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪن ٿي??ن.
ايس سي او اجلاس جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ عالمي سطح تي اهم سفارتي ڪاميابي جو واضح ثبوت
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس