اسلام آباد-06 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ٿري ويلرز ايڪسپورٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي، ??لي??ٽرڪ موٽرسائيڪلن لاءِ 4 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ٻن ڪمپنين کي پاڪستان ۾ ??لي??ٽرڪ وهيڪلز جو لائسنس ڏنو ويو آهي. اهڙو اظهار هن انجنيئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ طرفان ??لي??ٽرڪ بائيڪس جي مختلف ماڊلز جي نمائش جي ??وق??ي تي ڪيو. هن چيو ته ??لي??ٽرڪ گاڏين لاءِ 31 ڪمپنين دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته ??لي??ٽرڪ موٽرسائيڪلن کي پنجاب حڪومت سبسڊائيز ڪري رهي آهي، ٻي ??لي??ٽرڪ وهيڪل پاليسي 30 نومبر تائين جاري ڪنداسين. راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ماحول دوست گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن ڏانهن منتقل ٿي رهيو آهي، نجي ڪمپنين طرفان مينيوفيڪچرنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي، چارجنگ اسٽيشنن جي نه هجڻ سان صارفين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع تائين 10 هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون جنهن سان ٻارڻ جي امپورٽ تي ڀاڙجڻ گهٽجي ويندو ۽ ڪلينر ٽي??نالاجيز وسيلي گاڏين مان وڌيڪ ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي ايندي. سندس چوڻ هو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 100 شاگردن کي مفت ??لي??ٽرڪ بائيڪس فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته هي ٻي ??لي??ٽريڪل وهيڪل پاليسي آهي، ان کان اڳ به اسان جي حڪومت ئي ??لي??ٽريڪل وهيڪل پاليسي کڻي آئي هئي، ان پاليسي تحت لکين ماڻهو مستفيد ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پنجاب حڪومت به 2 ۽ 3 ويلر تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب 2030ع تائين 10هزار اي وي چارجنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون.
پاڪستان ٿري ويلرز ايڪسپورٽ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات