اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ ميمبرن جي چ??نڊن کي ناهي روڪيو، خيبرپختونخواهه حڪومت اهي چ??نڊون ڪرائي اسان هر ممڪن تعاون جي ل??ءِ تيار آهيون، پي ٽي آءِ 9 مئي وانگر 26 نومبر تي ٻيهر اها ئي غلطي ورجائي، چار رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا ۽ درجنين سيڪيورٽي اهلڪار شديد زخمي ٿيا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ مارجي ويل ماڻهن بابت ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته 2018ع جي چ??نڊن ۾ ڪنهن کي ڪهڙي طرح کٽرايو ??يو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور جو حساب ڏي اسان پنهنجي حڪومت جي دور جو حساب ڏيڻ جي ل??ءِ تيار آهيون، اسان ڪيترائي ڀيرا ميثاق معيشت جي دعوت ڏني، قانوني طريقيڪار تحت چونڊ عمل جي معاملن کي اڪلايو ??يو ??ڃي، پي ٽي آءِ جو نامزد ڪيل چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ??يو، انهن جي مرضي سان نادرا چيئرمين لڳايو ??يو، پرامن احتجاج سڀني جو آئيني حق آهي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه آهي، موجوده دور ۾ ميڊيا کان ڪ??هه لڪائڻ ممڪن نه آهي، نواز شريف تي سياسي ڪيس هئا، انهن کي عدالتن مان ريليف مليو، پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائدين جي خلاف نيب ۽ ايف آءِ اي ۾ ڪوڙا ڪيس ٺهرايا ويا، اسلام آباد ه??ءِ ڪورٽ اسلام آباد ۾ ريلين جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، هن ان تي توهين عدالت ڪئي، انهن کي ڊي چ??ڪ بدران سنگجاڻي جي آڇ ڪئي وئي، اهي ڊي چ??ڪ اچڻ تي ضد ڪري رهيا هئا، شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي احتجاج ڪري انهن 2014ع جي تاريخ ورجائي جڏهن چيني صدر پاڪستان جي دوري تي اچڻو هو. انهن معاهدو ڪيو ته 35 پنڪچر ثابت نه ٿيا ته فوج کان معافي وٺندا، هڪ ڏينهن ۾ قومي معيشت ۾ اربين رپين جو نقصان ٿئي ٿو، 2014ع ۾ انهن جي مرضي جي جوڊيشل ڪميشن ٺهي جنهن 35 پنڪچر کي رد ڪري ڇڏيو ??ر انهن اڄ تائين معافي ناهي ورتي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جڏهن ملڪ ۾ ڪا اهم شخصيت اچي رهي هوندي آهي، هي احتجاج شروع ڪري ڇڏين ٿا، حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ ميمبرن جي چ??نڊن کي ناهي روڪيو، خيبرپختونخواهه حڪومت اهي چ??نڊون ڪرائي اسان هر ممڪن تعاون جي ل??ءِ تيار آهيون ته جيئن وفاق جي علامت سينيٽ ۾ ميمبرن جو انگ مڪمل ٿئي. هن چيو ته احتجاجي مظاهرين ۾ غيرملڪي شامل هئا جن وٽ هٿيار هئا، ڇا اهو پرامن احتجاج هو، 300 کان وڌيڪ افغاني گرفتار آهن، اسان کي گڏجي رستو ڪڍڻو پوندو. هن چيو ته 9 مئي ۾ انهن غلطي ڪئي ۽ 26 نومبر تي ٻيهر اها ئي غلطي ورجائي، چار رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، درجنين سيڪيورٽي اهلڪار شديد زخمي ٿيا، انهن کي مارجي ويل ماڻهن جا تفصي?? سامهون آڻڻ گهرجن، پمز ۽ پولي ڪلينڪ ان حوالي سان واضح بيان ڏنو ته انهن جي اسپتالن ۾ ڪي لاش ناهن آندا ويا، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻي، اسان کي پنهنجي پارٽين مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻو پوندو، پاڪستان وسيع معدني وسيلن سان مالامال آهي، سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز جي ذريعي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، 2017ع ۾ مهانگائي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي، پاڪستان 20 معيشتن ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيو ??و. هن چيو ته افراتفري ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڪ??هه قوتن جي اها خواهش هئي ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي پر انهن کي ناڪام کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته گذريل ڪ??هه سالن ۾ نوجوان نسل جو اخلاق تباهه ڪيو ??يو، اسان کي گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻ گهرجي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، انهن جي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پارٽي ڪارڪنن جا قدم صحيح نه آهن، قوم کي گمراهه نه ڪريو، گڏجي ملڪ کي معاشي ڀنور مان ڪڍو. هن چيو ته اسان ميثاق جمهوريت ڪيو جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ 10 سال جمهوريت رهي.
حڪومت خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ ميمبرن جي چونڊن کي ناهي روڪيو، خيبرپختونخواهه حڪومت اهي چونڊون ڪرائي اسان هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهيون: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ