اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) ڏيهي توڙي پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ وڏي پيماني تي واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت ڪويت، بحريه، دوحه سميت دمام ۽ جده لا??ِ نيو?? عالمي اُڏامون آپريشن ۾ شامل ڪيون ويون آهن. پي آءِ اي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن ڊويزن موجب اندرون ملڪ اُڏامن ۾ ڪراچي ۽ـ پشاور وچ ۾ هفتي??ار وڌيڪ اُڏامن سان ملڪي نيٽ ورڪ کي واڌ ڏني وئي آهي. ڪراچيءَ کان پشاور لاءِ ٽين هفتي??ار اُڏام 25 جنوريءَ کان شيڊول جو حصو بڻجندي. پي آءِ اي لاهور کان ڪويت لاءِ به هفتي??ار ٻه طرفيون اُڏامون 25 جنوريءَ کان بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح لاهور کان دمام لا??ِ نيون هفتي??ار ٻه اُڏامون 22 جنوريءَ کان شروع ٿينديون. قومي ايئر لائن جي سيالڪوٽ کان بحرين لاءِ هفتي??ار اُڏام 20 جنوري کان جڏهن ته سيالڪوٽ کان دوحه لا??ِ نئين ٻه طرفي هفتي??ار اُڏام جي شروعات 21 جنوريءَ کان ٿيندي. فضائي آپريشن ۾ واڌو اُڏامون سيالڪوٽ کان جده لاءِ 20 جنوريءَ کان هلايون وينديون. پي آءِ اي پنهنجن مسافرن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر توڙي ٻ??هر آسان رسائي سميت رابطن کي جوڙڻ لاءِ اهڙن قدمن ??و سلسلو مستقبل ۾ به جاري رکندي.
پي آءِ اي پاران ڏيهي ۽ پرڏيهي فضائي آپريشنز ۾ واڌ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ