اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سال جي انتهائي اهم پرڏيهي دوري تي ڪالهه ڇنڇر جي صبح نيويارڪ روانو ٿي و??و جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 71 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٽئين اقتدار جي دور ۾ وزيراعظم 193 رڪني عالمي فورم کي چوٿون خطاب ڪندو، اميد آهي ته وزيراعظم 21 سيپٽمبر تي جنرل اس??مبلي کي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو جي موقف جي وضاحت ڪندو ۽ سندس خطاب ۾ ڀارتي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي پڻ خصوصي روشني وڌي ويندي. وزيراعظم هائوس پاران جاري بيان موجب نيويارڪ جي دوري ۾ وزيراعظم جو شيڊيول انتهائي مصروف هوندو. گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي اجلاس ۾ شرڪت سان گڏوگڏ وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت ڪيترن عالمي اڳواڻن سان پڻ ٻ??رفيون ملاقاتون ڪندو.
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania