اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن پا??ان 20 ارب رپين جي خصوصي رليف پئڪيج جي تجويز جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگرام تائين وڌائڻ جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڄ خميس ڏينهن ان حوا??ي سان هڪ خاص اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت جي حوا??ي سان تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ