اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي، پاڪستان جي پو??ي قوم، سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪ??ي قيادت ڪشمير جي معاملي تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. اها ڳالهه هن ڪشمير جي صورتحال تي پر??يهي وزارت ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي چئي. پر??يهي وزير سمو??ين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي رد ڪري چڪا آهن. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين کي هر عالمي فورم تي بي نقاب ڪيو. پر??يهي وزير چيو ته ڀارت سرڪار جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشمي??ين پر پوري خطي جي امن امان جي لاءِ خطرن جو سبب آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي. پر??يهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسدي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي متحد آهن. آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي ڪري نه رڳو ڪشمي??ين کي پر ڀارت جي اندر رهندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جو ٻج ڇٽيو. ڀارت ڏاڍ ۽ قيد ۽ بند جي اذيتن جي باوجود معصوم ڪشمي??ين جا حوصلا ڪمزور نه ڪري سگهيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ پوري دنيا آڏو ڀارت سرڪار جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي نفرت انگيز پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.
پاڪستان ان وقت تائين ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين انهن کي ان جو جائز حق، خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔