شورڪوٽ – 25 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀارت کي خبردار ڪي?? آهي ته پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه ??مجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي، پي اي ايف 27 فيبروري 2019ع تي بالاڪوٽ جي علائقي ۾ ڀارتي جهاز ڪيرائي پنهنجي اهليت کي ثابت ڪري ڇڏيو، پاڪ فضائيه جي ڪارڪردگي سان منهنجو سر فخر سان بلند ٿي ويو. پي اي ايف ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ پاڪستان جي حدن ۾ ڀارتي جهاز ماري ڪيرايو. پاڪستان ايئر فورس پنهنجي ڪارڪردگي سان پنهنجي اهليت ثابت ڪئي آهي، پي اي ايف ڪيترائي هيروز پيدا ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ايف رفيقي بيس تي جنگي جهازن جي 50 هين سالگرهه ۽ ڪلر ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان به موجود هو. تقر??ب دوران ملڪ جي دفاع لاءِ شاندار خدمتن تي پي اي ايف جي اڳوڻن ۽ موجوده آفيسرن ۽ ٽيڪنيشنز کي ايوارڊز سان به نوازيو ويو. صدر تقريب کي خطاب دوران چيو ته گذريل ڪجه?? سالن جي دوران مختلف مسئلن کي منهن ڏيندي اسان متحد رهڻ جو سبق سکي?? آهي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو جهاز ٺاهيند?? آهي ۽ ان سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خاتمي جو اعزاز به رکي ٿو ۽ اهو اعزاز سپر پاوز سميت ٻي ڪنهن ملڪ کي حاصل نه ??هي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪامياب رهي?? آهي ڇو ته ان جي بهادر هٿياربن?? فوج ۽ سويلين تقريبن هڪ لک جانين جي قرباني ڏني آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران امن جي آڇ جي باوجود ڀارت جو ڪردار هڪ انتهاپسند رياست ج?? آهي ڇو ته حقيقت ۾ ڀارت کي خطر?? آهي ته پاڪستان ڀارت تي حملو ڪري سگهي ٿو، تنهن هوندي به پاڪستان ڀارت جي عدم استحڪام مان ڪڏهن به خوش نه ٿيندو ڇو ته ان طرح جي صورتحال سان خطي جا ٻيا ملڪ به متاثر ٿي سگهن ٿا.
پاڪستان کي ڪڏهن به گهٽ نه سمجهيو وڃي، پاڪ فضائيه جو ڪير به مقابلو نٿو ڪري سگهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ریل رش