اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي ??اء?? اسان کي حضور اڪرم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ گهرجي، قائداعظم محمد علي جناح مذهبي هم آهنگي جو زبرست قائل هو ۽ قيام پا??ست??ن کانپوءِ به هن ملڪ ۾ مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ کين برابر جا حق ڏيڻ جو پرچار ڪيو. صدر مملڪت اهڙن خيالن جو اظهار هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس جو اهتمام بين المذاهب ڪائونسل براءِ امن ۽ يڪجهتي پا??ست??ن مذهبي معاملن واري وزارت جي سهڪار سان ڪيو هو. ڪانفرنس کي پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز، مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪيمونارا ۽ ٻين شخصيتن خطاب ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا جا سمورا مذهب ماڻهن جي وچ ۾ امن ۽ مذهبي هم آهنگي جو درس ڏين ٿا، حضور اڪرم ﷺ جو طريقيڪار اسان جي ??اء?? مشعل راهه آهي جنهن کي خلفائي راشدين به جاري رکيو، صدر چيو ته اسلام مذهبي منافرت کان سخت خلاف آهي، ڀارت ۾ مسلمانن جي تاريخ کي مسخ ڪري انهن جي خلاف ظلم ۽ تشدد ٿي رهيو آهي ۽ مسلمانن جي خلاف قانون ٺاهيا پي?? وڃن، هن چيو ته پا??ست??ن مذهبي هم آهنگي ??اء?? ڪرتار پور راهداري کي کوليو آهي، صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ساڻس ??اء?? اعزاز آهي، هن چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد ۽ سندس ساٿين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندس والد مرحوم عبدالڪبير آزاد جو بين المذاهب هم آهنگي ۾ ڀرپور ڪردار رهيو آهي ۽ هن مختلف مذهبن ۽ مڪتب فڪر جي ماڻهن کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر چيو ته دنيا کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي، مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي منافرت جي پويان استحصال جو نظريو ڪارفرما آهي، انساني استحصال بند ٿيڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ مذهبي اڳواڻن، مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ديني شخصيتن، اسڪالرن ۽ ٻين نمائنده ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مملڪتي وزير علي محمد خان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته مساوات ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکون ٿا، پا??ست??ن ۾ اقليتن جي تحفظ ??اء?? هر ممڪن قدم کنيا پي?? وڃن، حڪومت ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ??اء?? ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته صدر ۽ وزيراعظم جو ان سلسلي ۾ قائداڻو ڪردار آهي، قائداعظم محمد علي جناح پا??ست??ن ۾ مذهبي آزادي جو حامي هو ۽ وزيراعظم عمران خان رحمت اللعالمين ﷺ اٿارٽي جو قيام عمل ۾ آندو آهي جيڪو هڪ بهترين قدم آهي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته 1973ع جي آئين تحت پا??ست??ن جي سمورن شهرين کي برابر جا حق حاصل آهن. هن چيو ته اسلامي روايتون سدائين بين المذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏنو آهي. يورپي يونين جي سفير اينڊرو لاڪامينارا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دنيا ۾ امن جي فروغ ??اء?? بين المذاهب هم آهنگي ۽ مڪالمه ضروري آهي، هن چيو ته بين المذاهب هم آهنگي هڪ جهد مسلسل آهي ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي جو حق حاصل آهي. ان کان اڳ صدر بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ??اء?? نمايان خدمتن تي مختلف شخصيتن ۾ ايوارڊ ورهايا، ڪانفرنس ۾ مڪه، ميڊرڊ، يورپي يونين، پا??ست??ن، ابوظهبي ۽ مراڪش پڌرنامي جي روشني ۾ هڪ گڏيل پڌرنامو تيار ڪيو ويو جنهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن متفقه طور تي حمايت ڪئي.
اسلام امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جو درس ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena