اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ مذهب جي نالي تي ظلم ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، آئنده اهڙو ڪو به واقعو ٿيڻ نه ڏنو ويندو، نبي ڪريم ﷺ سموري انسانيت لاءِ رحمت بڻجي آ??و، اسلام تلوار سان نه پر هڪ فڪري انقلاب سان پکڙيو، عشق رسول ﷺ ثابت ڪرڻ جو بهترين طريقو پاڻ صه جي ٻڌايل رستي تي عمل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? آنجهاني پريانٿا ڪمارا جي ياد ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد تعزيتي ريفرنس ۽ پريانٿا ڪمارا جي زندگي بچائڻ لاءِ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ ملڪ عدنان کي سند عطا ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير حماد اظهر، غلام سرور خان، شيرين مزاري، مملڪتي وزير فرخ حبيب، زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، وزيراعظم جو خاص نمائندو طاهر اشرفي ۽ سريلنڪا جو هاءِ ڪمشنر موهن وجي وڪرما کانسواءِ پريانٿا ڪمارا جي زندگي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ عدنان به شريڪ هو، تقريب ۾ ملڪ عدنان کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل خصوصي دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان ملڪ عدنان کي سند اعزاز به عطا ڪئي، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سيالڪوٽ واقعو شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي پر اسان کي ملڪ عدنان تي فخر آهي جنهن سري لنڪن شهري جي زندگي بچائڻ لاءِ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وڌو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪيو، اسان کي اهڙن رول ماڊل جي ضرورت آهي، ملڪ عدنان ان هجوم ۾ هڪ اهڙو شخص هو جيڪو راهه حق تي حيوانن جي سامهون بيٺل هو، مون کي اميد آهي ته نوجوان ان کي پنهنجو رول ماڊل بڻائيندا، وزيراعظم چيو ته اخلاقي طاقت جسماني قوت کان وڌيڪ طاقتور هوندي آ??ي، وزيراعظم اعلان ڪيو ته جن م??ڻه?? دين کي استعمال ڪيو، خاص طور تي رحمت اللعالمين ﷺ جي نالي تي ظلم ڪيو، انهن کي نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي پوري انسانيت لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، پاڻ صه ﷺ پاڻ ۾ وڙهندڙ عرب جي قبيلن کي متحد ڪيو، اسلام تلوارن سان نه پکڙيو پر هي هڪ فڪري انقلاب هو جيڪو پاڻ صه ﷺ وٺي آ??و، 10 سالن ۾ صرف 1400 م??ڻه?? جون زندگيون ويون جڏهن ته مسلمان سڄي عرب تي ڇائنجي ويا، پاڻ صه ﷺ جو پيغام انسانيت ۽ انصاف تي ٻڌل هو، اهي ٻه صفتون انسانن کي جانورن کان مٿانهون رکنديون آهن، انساني معاشري ۾ انصاف ٿيندو آ??ي ۽ ڪمزور طبقي جي ذميداري کنئي ويندي آ??ي، ان کي مٿي کڻڻ ۽ انصاف قائم ڪيو، اڄ نبي ڪريم ﷺ جو نالو استعمال ڪري ڪجهه م??ڻه?? انسانن کي قتل ڪندا آهن، توهين جو الزام لڳائي م??ڻه?? کي نشانو بڻايو ويندو آهي، دنيا جي ڪنهن معاشري ۾ ايئن ناهي ٿيندو ته الزام لڳائيندڙ پاڻ ئي جج بڻجي فيصلو ڪري ۽ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪيون وڃن، وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح اي پي ايس جي سانحي کانپوءِ پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد ٿي وئي، اهڙي طرح سيالڪوٽ واقعي کانپوءِ اڄ سڄي پاڪستان فيصلو ڪري ورتو آهي ته اسان ملڪ ۾ آئنده سيالڪوٽ سانحي جهڙو واقعو ٿيڻ ناهي ڏيڻو، وزيراعظم سيالڪوٽ جي بزنس ڪميونٽي پارا?? آنجهاني پريانٿا ڪمارا جي پوئينرن لاءِ هڪ لک ڊالر جمع ڪرڻ ۽ سدائين انهن جي ڪفالت ڪرڻ جي اعلان کي ساراهيو. ويراعظم چيو ته پوري پاڪستان قوم نبي ڪريم ﷺ سان عشق ڪندي آ??ي ۽ ان جي اظهار جو طريقو اهو آهي ته اسان پاڻ صه ﷺ جي ٻڌايل رستي تي هلون، پاڻ صه جو رستو ڪجهه ٻيو آهي پر قومي ڪنهن ٻي طرف وڃي رهي آ??ي، عشق رسول صه جي گهرج آهي ته اسان پاڻ صه جي تعليمات موجب طرف عمل اختيار ڪريون، اسان رحمت اللعالمين اٿارٽي جوڙي آ??ي ته جئين نبي ڪريم صه ﷺ جي حقيقي تعليمات سان معاشري کي آگاهه ۽ روشناس ڪرايو وڃي، نبي ڪريم صه ﷺ سمورن انسانن ۾ سڀ کان عظيم آ??ي ۽ غير مسلمان به پاڻ صه جي عظمت کي تسليم ڪن ٿا، وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم صه جي جنگ دوران ڪلمو پڙهڻ جي باوجود هڪ شخص کي قتل ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهندڙ واحد ملڪ آهي، سيالڪوٽ جهڙي سانحي سان 90 لک ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني به شرمنده ٿيا آهن، اهڙي طرح جي حرڪتن سان م??ڻه?? اسلام کان پري ٿي ويندا آهن ۽ ملڪ جو نالو بدنام ٿي ويندو آهي. وزيراعظم چيو ته هڪ هجوم جيڪو طرز عمل اختيار ڪيو آهي اهو ڏسي تمام گهڻي تڪليف ٿي پر ملڪ عدنان جي ڪري اسان جو انسانيت تي اعتبار وڌيو، وزيراعظم ملڪ عدنان کي 23 مارچ تي تمغه شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڀارت ۾ بي جي پي جي حڪومت مسلمانن سان ناروا سلوڪ ڪندي آ??ي جنهن تي اسان کي تمام گهڻي تڪليف ڏيندي آ??ي، ان واقعي کي ڀارت تمام گهڻو اٿاريو آ??ي ۽ اهو واقعو پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻيو آهي، آئنده ايئن ٿيڻ نه ڏينداسين. ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ عدنان کي ان جي جرئت ۽ بهادري جي اعتراف ۾ سند عطا ڪئي آ??ي.
سيالڪوٽ ۾ مذهب جي نالي تي ظلم ڪندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، آئنده اهڙو ڪو به واقعو ٿيڻ نه ڏنو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے