اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌ??ڪ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور ۾ جيترا ترقياتي ڪم ٿي??، ان جو تاريخ ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صوابي ۾ عوامي تقريب کي خطاب د??ران ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ آزاداڻي پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکيو. پاڪستان هڪ خودمختيار ?? آزاد ملڪ آهي اسان ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه وٺنداسين، اسان دنيا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ مخالف ڌر جو قانوني حق آهي پاڪستان تحر??ڪ انصاف جا قومي اسيمبلي ميمبر ان جو ڀرپور مقابلو ڪندا. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اسان جي دور ۾ جيتري اسلامي قانونسازي ٿي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته اسان جي دور ۾ پنجين درجي تائين اسڪولن ۾ ناظره قرآن پاڪ ۽ ڏهين درجي تائين قرآن پاڪ جو ترجمو شروع ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي حڪومت عالم سڳورن جي لاءِ وظيفو شروع ڪ??و ۽ وياج جي خلاف قانونسازي ڪئي.
مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ سان عوام جو عمران خان تي اعتماد ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي: اسپيڪر اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ