اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??ٽيٽ ل??ئيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشورنس جي رقم جي ا??ائيگي جو ??ڪم ڏيندي چيو آهي ته بيواهن کي گروپ انشورنس جي ا??ائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس ڪارپوريشن کي هدايت ڪئي ته هو فائر برگيڊ ڊپارٽمينٽ ملتان جي فائر مينن جي بيواهن کي گروپ انشورنس ادا ڪري. تفصيل موجب مختار مائي، نوران مائي، نسيم مائي ۽ عذرا بي بي جا گهروارا سروس دوران لاڏاڻو ڪري ويا هئا. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو ??ظهار ڪيو ته غريب بيواهن کي 10 سالن تائين انشورنس جي رقم ادا نه ڪئي وئي، بيواهن کي گروپ انشورنس جي ا??ائيگي کان انڪار غيرمنصفاڻو عمل ۽ بدانتظامي آهي، اهو رويو ڪمپني جي ساک تي بدنما ڌٻو ۽ پاڪستان جي آئين جي ا??ولن جي خلاف آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ ل??ئيف جي اپيل به رد ڪري ڇڏي ۽ بيواهن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو ??ڪم برقرار رکيو. هن لاڳاپيل قانونن تحت ذميوار اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ 30 ڏينهن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو. بيواهن پنهنجي گهروارن جي گروپ انشورنس جي رقم جي لاءِ اسٽيٽ ل??ئيف کي درخواست ڏني هئي، رقم نه ملڻ تي هن وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو جنهن انشورنس ڪليمز ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا، اسٽيٽ ل??ئيف محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ هڪ درخواست داخل ڪئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گروپس انشورنس جي ڪٽوتي فوتي گهروارن جي پگهار مان باقاعدگي سان ڪئي ويندي هئي، رڪارڊ کان خبر پئي ته پنجاب حڪومت ۽ اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس ڪارپوريشن جي وچ ۾ معاهدو طئي ٿيو هو. پنجاب جي سمورين مقامي حڪومتن جا ملازم معاهدي تحت گروپ انشورنس جا حقدار آهن. حقيقتن جو ??ائزو وٺڻ کانپوءِ صدر ڪمپني جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اسٽيٽ ل??ئيف جي اپيل رد ۽ بيواهن کي گروپ انشورنس جي رقم ادا ڪرڻ جو ??ڪم برقرار رکندي چيو ته فوت ٿيندڙ فائر مين ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ملتان جو ??يگيولر ملازم هو، ملازمن سروس جي دوران بنيادي پگهار جي ا??ڪيلز موجب ماهوار پريميم ادا ڪيو، شڪايت ڪندڙن انشورنس ڪمپني جا سمورا گهربل دستاويز پڻ فراهم ڪيا. انشورنس ڪمپني جو موقف غلط، بي بنياد ۽ بنا جو??ز آهي تنهن ڪري ??ن کي قبول نه ٿو ڪري ??گهجي. صدر چيو ته ڪمپني معاهدو تحت شڪايت ڪندڙن کي گروپ انشورنس ڪليمز ادا ڪرڻ جي پابند آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪم ڏنو ته اسٽيٽ ل??ئيف انشورنس بيواهن کي انهن جي گهروارن جي انشورنس جي رقم ادا ڪري.
صدر پاران اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن کي 10 سال کان منتظر بيواهن کي انشورنس جي رقم جي ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات