اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، ??ومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي ??لامتي جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي لاءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ??نيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪ??تا?? افغان??تا?? سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪ??تا?? افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪ??تا?? افغان??تا?? ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغان??تا?? جي سرزمين کي پاڪ??تا?? جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ??تا?? جي ڪوششن ۽ قربانين کي دنيا تسليم ڪيو، پاڪ??تا??ي قوم ۽ پاڪ??تا??ي فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪ??تا?? جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغان??تا?? جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ??الهين جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪ??تا?? جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪ??تا?? جي روشني ۾ پارليامينٽ جي منظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ??يو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ