ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيرا??ظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيرا??ظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس س?? او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي هلندڙ ??جل??س جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيرا??ظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس س?? او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس س?? او جي مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي ??جل??س ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان وزيرا??ظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ايس س?? او مملڪتي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي ??جل??س جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس س?? او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.
تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ