اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديل??ن جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ??ين??ڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ??ين??ڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي. هن اهڙن خيال?? جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ موسمياتي تبديل??ن جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ يورپي يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان فصل، گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ??ين??ڙ نقصان ۽ 1600 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جو عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديل??ن جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثر??ن جي مدد لاءِ وزيراعظم جي فلڊ ريليف ف??ڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدم?? جو ذڪر ڪيو. فلڊ ريليف ف??ڊ ۾ ملڪي ۽ عالمي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪستان ۽ يورپي ملڪن جي اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينا?? جو اظهار ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.
پاڪستان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي اخراج ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری