ڪوئيٽا – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ما??هن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ بي بنياد الزام هنيا، سڀ ڄاڻين ٿا ته اتڪل 5 لک غيرقانوني رهندڙ ما??هو رضاڪاراڻي طور تي پاڪستان مان پنهنجي وطن واپس ويا آهن، انهن کي جبري نا??ي موڪليو ويو انهن جي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي. ڪوئيٽا پر??س ڪلب ۾ پر??س ڪانفرنس دوران هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ائين لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي ٽوئيٽ سان افغانستان جي حڪومت ۽ ٽي ٽي پي جي ما??هن جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ان جي پارٽي کي ٻين پارٽين جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو حاصل ٿي سگهي، جيڪڏهن ائين آهي ته اها انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي. هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ما??هن جي پنهنجي وطن واپسي ۾ انساني قدرن جو خيال رکيو ويو آهي، پاڪستان مهمان نواز ملڪ آهي، مستقبل ۾ به ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو ته ڪنهن سان ڪا زيادتي نه ٿئي.
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي غيرقانوني طور تي رهندڙ ماڻهن جي ترجماني ڪرڻ بدران پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪرڻ گهرجي ها: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : راکی