اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس لائين ۽ ضلعي خيبر ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردن جي ٽانڪ پوليس لائين ۾ شرپسندي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رکنداسين. مون س??يت سڄي قوم ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جو ن??را??و پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر عوام دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آ??ي. نگران وزيراعظم حملن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ٽانڪ ڊيره اسماعيل خان ۾ پوليس لائين ۽ ضلعي خيبر ۾ پوليس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس