اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪم??ل چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عر?? وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري وفاقي وزير سعودي عر?? کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪم??ل چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عر?? ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عر?? کي خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عر?? ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو وين??و. ??ام ڪم??ل چيو ته پاڪستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عر?? ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عر?? واپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.
پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: وفاقي وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل