اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي)اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيما بيلا??وس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف نظام قائم ٿيو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي بيلا??وس جي توانائيءَ واري وزير اليڪسي ڪوشنرنيڪو سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن ۽ واپاري حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. احد خان چيما پاڪ- بيلا??وس گڏيل وزارتي ڪميشن ۾ شرڪت تي بيلا??وس جي توانائيءَ واري وزير جي آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري حڪمت عملي 2025-2027ع کي اهم قرار ڏنو جيڪو پ??ڪستان جي معيشت جي ??حا??يءَ لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي. هن بيلا??وس سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ايس آءِ ايف سي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاريءَ جو شفاف نظام قائم ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير ستين گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ بابت مفاهمتي يادداشتن تي صحيح کي سٺي اڳڀرائي قرار ڏنو. هن ٻُڌايو ته هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف بيلا??وس جو دؤرو ڪندو، جڏهن ته نومبر ۾ صدر مملڪت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ بيلا??وس ويندو. بيلا??وس جي وزير پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل وزارتي ڪميشن جي فيصلن مان هاڪاري نتيجا حاصل ٿيندا. هن زراعت جي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
بيلاروس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي: وفاقي وزير احد چيما
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا