اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته واپار واري وزارت، ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان سان گڏ ايٿوپيا ۾ منعقد ٿيندڙ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن جي تياري ڪري رهي آهي، نمائش جو مقصد پاڪستاني واپارين کي ايٿوپيا جي اهم منصوبن سان جوڙڻ ۽ آفريقا جي 1.4 ارب ماڻهن جي وسيع مارڪيٽ تائين پهچ حاصل ڪر?? آهي. واپار واري وزارت جي جاري پڌرائيءَ مطابق اهڙو اظهار هن ايٿوپيا جي سفير ڊاڪٽر جمال عبد??لل?? سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ايٿوپيا ۽ وسيع تر آفريقي مارڪيٽ سان واپاري ناتن کي وڌائڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي اختيار ڪر?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير مئي 2025ع ۾ عديس ابابا ۾ ٿيندڙ سنگل ڪنٽري نمائش جي انتظامن ۽ ايٿوپيا جي حڪومت طرفان سهڪار فراهم ڪر?? تي سفير جو شڪريو به ادا ڪيو. واپار واري وزير چيو ته نمائش کان اڳ سڄي ملڪ ۾ سيمينارز جو سلسلو شروع ڪيو ويندو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادري کي دعوت ڏني ويندي. سفير چيو ته ??يٿوپيا ۽ پاڪستان وچ ۾ هفتي ۾ چار اُڏامون هلي رهيون آهن. هن چيو ته ??لد ئي لاهور ۽ اسلام آباد کان به سِڌيءَ ريت اُڏامون شروع ڪيون وينديون. ٻنهي ڌُرين ان اميد جو اظهار ڪيو ته ??ديس ابابا ۾ سنگل ڪنٽري نمائش نه ??رف ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي مضبوط ڪندي پر پاڪستاني واپارين لاءِ وسيع تر آفريقي مارڪيٽ سان ڳنڍجڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم طور به ڪم ڪندي.
وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان ايٿوپيا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل