رياض-25 سي??ٽم??ر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت نيڌرل??نڊ جي شهر دي هيگ ۾ ڪيترن ئي سفارتخانن آڏو هڪ انتهاپسند گروپ طرفان قرآن پاڪ جي نسخن کي شهيد ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي، عرب نيوز مطابق پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ سعودي عرب طرفان ان قسم جي بار بار ڪيل نفرت انگيز قدمن کي مڪمل طور تي رد ڪ??دي پنهنجي موقف جو ورجاءُ ڪ??دي چيو ته ان قسم جي قدمن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي، بيان ۾ چيو ويو ته ان قسم جا قدم واضح طور تي نفرت ۽ نسل پرستي کي هوا ڏئي رهيا آهن. رواداري، اعتدال پس??دي جي قدرن کي هٿي وٺائڻ ۽ انتهاپس??دي کي رد ڪرڻ جي عالمي ڪوششن کي سڌي ريت نقصان پهچي رهيو آهي. پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته اهڙا قدم فردن ۽ ملڪن وچ ۾ ناتن جي ضروري گڏيل احترام کي ختم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ هال??نڊ ۾ هاڻوڪن مهينن دوران عوامي سطح تي مظاهرن جو سلسلو ج??ري آهي. قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي مسلمان ملڪن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ واري لهر پکڙيل آهي.
دي هيگ ۾ سفارتخانن ٻاهران قرآن پاڪ جي بي حرمتي تي سعودي عرب طرفان سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil