برسلز- 21 فيبروري (اي پي پي)??ور??ي يونين جي پرڏيهي ۽ سلامتي جي معاملن بابت هاءِ ڪمشنر جوزف بوريل چيو آهي ته عوام کي اردن درياهه جي اولهندي ڪناري ۾ رمضان المبارڪ دوران م??جد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. هن برسلز ۾ منعقد ٿيل پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان اڳ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته فلسطينين کي رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ 11 مارچ کان 09 اپريل تائين م??جد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا. هن چيو ته گذريل هفتي به رفح سرحد تي اسرائيل جي حملن کي روڪڻ جي اپيل ڪ??ي هئي ۽ اهو ئي سبب آهي ته ان حوالي سان اسرائيل تي وڌيڪ دٻاءُ وجهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو ويجهو پهتو آهي جيڪڏهن رمضان المبارڪ دوران فلسطينين کي م??جد ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. واضح رهي ته اسرائيل جي وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو چيو هو ته رمضان المبارڪ دوران فلسطينين جي م??جد الاقصيٰ ۾ داخلا محدود ڪئي ويندي.
فلسطينين کي رمضان المبارڪ دوران مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سان معاملا وڌيڪ ڇڪتاڻ وارا ٿي ويندا: يورپي يونين
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔