اسلام آباد – 30 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته معاشي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن، سمورن اقتصادي انگن اکرن ۾ بهتري آئي، ناڻي واڌ ۽ مالي خسارو گهٽ ۽ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو. وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس کي لنڊن کان وڊيولنڪ ذريعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سندس موجوده حڪومت کي چوٿين بجيٽ تيار ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿي رهيو آهي جيڪا 3 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته هو قوم جي ترقي، خوشحالي جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، 2013ع ۾ جڏهن اسان حڪو??ت سنڀالي ته معيشت جي صورتحال ڪمزور هئي، غيرمستحڪم مالي خساري، سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي ۽ توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي ۽ معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پاليسيون جوڙيون ۽ انهن تي ايمانداري سان عملدرآمد ڪيو ۽ اڄ ٽن سالن کانپوءِ پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪري رهيا آهيون.
ملڪ لاءِ جوڙيل پاليسين ۽ محنت جا ثمر حاصل ٿي رهيا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ