اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته لين?? ريفارمز ڪميشن سان اطلاعات واري وزارت جو ڪو تعلق نه ٿو بڻجي، ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ ان جي مستقبل جي حوالي سان فيصلو ٿي ويندو ته ان کي ڪهڙي وزارت تحت هجڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ اطلاعات واري وزارت پاران وزيراعظم آفيس کي سمري موڪلي وئي آهي ۽ اهو معاملو ڪابينا جي ايجنڊا ۾ اچي ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سين??ٽر ڪريم خواجه جي التوا واري رٿ تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته لين?? ريفارمز ڪميشن ۽ اطلاعات واري وزارت ج?? پاڻ ۾ ڪو تعلق نه ٿو ٺـهي، هن اداري جي قانوني معاملن جي لاءِ اسان کي قانون واري وزارت سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا